آفتاب اخبار

آفتاب (اخبار): هيءَ روزاني اخبار، 23 مارچ 1974ع تي شيخ علي محمد جھڙي مُدبر صحافي جي نظرداري ۽ ادارت هيٺ حيدرآباد مان جاري ٿي. 1991ع ۾ شيخ علي محمد جي وفات کان پوءِ سندس پٽ شيخ محمد اعجاز جي ادارت ۾ هيءَ اخبار 2005ع تائين جاري رهي ۽ پوءِ بند ٿي وئي. هن اخبار پاران سرجڻھار نالي سان ادبي صفحو پڻ جاري ڪيو ويو هو، جنھن ڪيترن ئي نوجوانن جي رهنمائي ڪئي. هن صفحي جو انچارج لائق سنڌي هو.


لفظ آفتاب اخبارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو